سعودي حڪومت خلاف تقرير، زيد حامد کي 8 سال قيد ۽ 1000 ڪوڙا هڻڻ جي سزا

رياض(مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان جي دفاعي تجزيه نگار ۽ ٽي وي ڪمينٽيٽر زيد حامد کي سعودي عرب جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 8 سال قيد ۽ هڪ هزار ڪوڙا هڻڻ جي سزا ڏني وئي آهي. عالمي ميڊيا مطابق زيد حامد پنهنجي گهرواري سان گڏ نجي دوري تي سعودي عرب ويو هو، جتي کيس گرفتار ڪيو ويو ، سعودي اختيارين جو چوڻ هو ته زيد حامد عوامي ميڙاڪن ۾ سعودي سرڪار خلاف تقريرون ڪيون ۽ کيس عرب شهرين خلاف نفرت جوڳيون تقريرون ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رياض ۾ سندن سفارتخاني پاران ٻڌايو ويو آهي ته زيد حامد کي ٻه هفتا اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سفارتخانو ساڻس قونصل جنرل جي سطح تائين پهچ لاءِ سعودي اختيارين سان لاڳيتو رابطي ۾ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *