سعودي بادشاهه لاڏاڻو ڪري ويو، آخري رسمن ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي شرڪت

رياض(م.د) سعودي بادشاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف سميت پوري دنيا جي مسلمان ملڪن جي اڳواڻن ۽ اختيارين شرڪت ڪئي، سعودي ميڊيا رپورٽرن مطابق شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز گادي واري شهر رياض جي جامع مسجد پرنس ترڪي بن عبدالعزيز ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت مسلمان ملڪن جي اڳواڻن ۽ اختيارين شرڪت ڪئي شاهه عبدالله گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بيمار هجڻ سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ ان کي ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب مصنوعي آڪسيجن ڏني پئي وئي جڏهن ته هو خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات وفات ڪري ويو، سعودي شاهه عبدالله جي وفات تي وزيراعظم نواز شريف گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ سٺي دوست کان محروم ٿي ويو ۽ ڏک جي هن گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم شاهي خاندان سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڪجهه ڏينهن پهريان ئي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي سعودي عرب واري دوري دوران شاهه عبدالله جي عيادت به ڪئي هئي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما به شاهه عبداله جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شاهه عبدالله جون انسانيت لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون جڏهن ته فلسطيني صدر محمود عباس به شاهه عبدالله جي وفات ي شاهي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ياد رهي ته شاهه عبدالله بن عبدالعزيز 2005ع ۾ پنهنجي ويڳي ڀاءُ شاهه فهد بن عبدالعزيز جي وفات کانپوءِ سعودي جو حڪمران چونڊيو ويو هو جڏهن ته شاهه عبدالله بن عبدالعزيز مڪي جو گورنر، سعودي اسپيشل گارڊ جو ڪمانڊر ۽ دفاع واري وزير جي اهم عهدن تي به مقرر رهيو شاهه عبدالله بن عبدالعزيز کي 9 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي، 9 سالن تائين سعودي جو بادشاهه رهندڙ شاهه عبدالله کي دنيا جو چوٿون امير ترين حڪمران ۽ اٺون طاقتور ترين شخص مڃيو ويندو هو ۽ ان جي اثاثن جي ماليت 18 ارب ڊالر هئي. ٻئي طرف عالمي اڳواڻن جو شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ، امريڪي صدر باراڪ اوباما سميت مختلف عالمي اڳواڻن خادم الحرمين الشريفين شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي لاڏاڻي تي رنج ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان جي سعودي عوام ۽ عالمي برادري لاءِ خدمتن ۽ امن جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. امريڪي صدر اوباما مرحوم شاهه عبدالله کي هڪ راست باز اڳواڻ قرار ڌيندي چيو ته هو پختو عزم رکندڙ حوصله مند شخصيت هو. هن چيو ته ساڻس گڏجي امريڪا ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو ۽ سندس نقطه نظر کي هميشه قدر جوڳو ڀائنيو. شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اوباما چيو ته امريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ قربت ۽ ٻه طرفي شراڪت جي مضبوطي شاهه عبدالله جي ميراث آهي. فرانس جي صدارتي محل پاران جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ مرحوم شاهه عبداللله کي خراج عقيدت پيش ڪندي کيس هڪ مدبر طور ياد ڪيو ويو آهي. فرانس جي صدر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته شاهه عبدالله جي ڏاهپ انصاف ۽ دائمي امن لاءِ استعمال ٿيندي رهي. مصر جي ايوان صدر ان موقعي تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته مصري عوام شاهه عبدالله جي تاريخي موقف کي وساري نه سگهندو. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله سعودي بادشاهه جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ڊيوس جو پنهنجو دورو مختصر ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي اڳواڻ ورلڊ ايڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڊيوس ۾ موجود هئا. مصر جي تاريخي الازهر يونيورسٽي به شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. اردن جي اطلاعات واري وزارت سعودي شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي سڄي ملڪ ۾ 40 ڏينهن لاءِ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس ان سلسلي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف سعودي جي بادشاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي وفات کانپوءِ 79 سالا ويڳو ڀاءُ شهزاده سلمان بن عبدالعزيز نئون سعودي بادشاهه بڻجي ويو آهي ۽ هن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي نظام ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي، سعودي بادشاهه جي عهدي جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ قوم سان پنهنجي پهرئين خطاب ۾ سلمان بن عبدالعزيز چيو ته سمورن مسلمانن کي گڏجي رهڻ گهرجي جڏهن ته سعودي عرب جي نظام ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي ۽ ملڪ موجوده نظام ۾ ئي اڳتي هلندو رهندو شهزاده سلمان بن عبدالعزيز جي بادشاهه بڻجڻ کانپو ءِسعودي ڪابينا ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن شهزادو مقرن بن عبدالعزيز سعودي ويل عهد ۽ نائب وزيراعظم ۽ شهزادو محمد بن نائف بن عبدالعزيز نائب وزيراعظم ٻه هوندو، جڏهن ته شهزادي محمد بن سلمان سعودي کي ملڪ جو نئون دفاع وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *