سعد رضوي کي نٿو ڇڏي سگهجي، قومي سلامتي اجلاس جي اندروني ڪھاڻي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته بندش پيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي کي ڇڏي نٿو سگهجي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي جنهن ۾ وزيراعطم عمران خان واضح چيو ته ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي کي نٿو ڇڏي سگهجي ذريعن مطابق قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو. ذريعن مطابق هن چيو ته فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏيڻ بابت ڪائي ڳالهه نه ٿيندي عسڪري قيادت به انهن معاملن تي سياسي قيادت سان هڪ پيج تي آهي، ذريعن موجب عسڪري قيادت چيو ته ڪالعدم ٽي ايل پي کي اڳيان وڌڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي هي ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪري رهيا آهن عسڪري قيادت چيو ته پوليس تي حملا ڪندڙن کي حوالي ڪرڻ تائين ڳالهه نٿي ٿي سگهي اجلاس ۾ پوليس ۽ رينجرز تي حملو ڪندڙن جي خلاف رينجرز کي هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *