ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سشميتا سين هلندڙ سال وڏي اسڪرين تي واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ انٽرويو دوران جڏهن اداڪارا کان فلم انڊسٽريءَ ۾ واپسي جي حوالي سان پڇيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته وڏي اسڪرين تي واپسي جي حوالي سان ڪجهه عرصي کان غور ڪري رهي آهيان پر چاهيان ٿي ته اهڙي واپسي ڪيان، جنهن سان مداح نه رڳو خوش پر منهنجي ڪردار کي سدائين ياد ڪن.