سرگوڌا ڀرسان مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب ٦ پورهيت اجل جو شڪار

سرگوڌا(م.ڊ)  سرگوڌا ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٦ پورهيت فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق سرگوڌا ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پورهيت معمول مطابق پٿرن جي ڪرشنگ واري ڪم ۾ مصروف هئا جو ان دوران جبل مان مٽي جي ڇپ انهن جي مٿان اچي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ اتي ڪم ڪندڙ ۸ پورهيت مٽيءَ جي ڇپ هيٺان دٻجي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسيڪو ٽيمن واقعي واري هنڌ تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون، امدادي ٽيمن ٦ مزدورن جا لاش ڪڍي ورتا جڏهن ته ٻن پورهيتن کي شديد زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *