پشاور ۾ مڪاني چونڊن دوران بدانتظامي ٿيڻ سبب 26 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا ڪالعدم قرار، ٻيهر چونڊن جو اعلان

پشاور (بيورو) اليڪشن ڪميشن، پشاور ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر طرفان مڪاني چونڊن  دوران بدانتظامي جا واقعا پيش اچڻ سبب 26 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. پشاور ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پشاور ۾ مڪاني چونڊن دوران ڪجهه پولنگ اسٽيشنز تي بدانتظامي ٿي جنهن سبب اليڪشن ڪميشن کي 26 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن تجويز منظور ڪندي ڄاڻايل پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏيندي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جن پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون انهن ۾ يونين ڪائونسل هزار خاني، ماشو خيل ۽ شاهي بالا جا علائقا شامل آهي. ياد رهي ته 30 مئي تي خيبر پختون خواهه ۾ ٿيل مڪاني چونڊن دوران ڪجهه هنڌن تي بدانتظامي، هوائي فائرنگ، ويڙهه ۽ ڀڃ ڊاهه جا واقعا پيش آيا هئا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *