سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي ڪميشن ذريعي مقرري جي شرط ختم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقرري متعلق 3   آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت عظميٰ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي ڪميشن ذريعي مقرري جي شرط ختم ڪندي اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته تمام خودمختيار، نيم خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنز ۾ سربراهن جي مقرري جي حوالي سان 0 1 ڊسمبر تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جسٽس اعجاز احمد چوڌري سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقرري متعلق 3   آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقرري لاءِ ڪميشن جي شرط ختم ڪندي وفاقي حڪومت کي ڊسمبر جي پڄاڻي تائين قانون ۽ قاعدن موجب مقرريون مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽارني جنرل کي ابتدائي رپورٽ 0 1 ڊسمبر تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارپوريشنز، خودمختيار ۽ نيم سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقرري حڪومت جو اختيار آهي. فيصلو خواجا آصف ڪيس جي فيصلي تي وفاقي حڪومت طرفان داخل نظرثاني درخواست تي ڏنو ويو. خواجا آصف پيپلزپارٽي دور ۾ ڪارپوريشنز ۽ سرڪاري ادارن جي مقرري تي اعتراض ڪيو هو جنهن تي سپريم ڪورٽ 2 2 نيم سرڪاري ادارن ۽ 3 3 ڪارپوريشنز جي سربراهن متعلق فيصلو 3 1 0 2 ع ۾ ڏنو هو. عدالت نظرثاني درخواست تي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته هاڻ مقررين تي ڪا پابندي لڳل ناهي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *