سرڪاري وڪيل آخري ڪوشش ڪن، ته جيئن اهو نه چيو وڃي ته کين موقعو نه ڏنو ويو: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران پاڻ کي احتساب کان مٿانهون نه سمجهن، سرڪاري ڌر جا وڪيل ڀلي ڪوششون ڪري وٺن ڪٿي ايئن نه چيو وڃي ته کين دفاع جو موقعو نه مليو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام چاهي ٿو ته سرڪاري وڪيل آخري ڪوشش ڪن، ته جيئن اهو نه چيو وڃي ته کين موقعو نه ڏنو ويو. سراج الحق چيو ته وزيراعظم نوازشريف الزامن بعد چيو ته وٽس سمورا ثبوت موجود آهن پر هو جي آءِ ٽي ۾ ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها ته سندس ترجمانن کي رڙيون ڪندي دفاع ڪرڻ جي ضرورت نه پئي ها. هن چيو ته ريڪارڊ ٽيمپرنگ تاريخ جو انوکو واقعو آهي ۽ سرڪار پاڻ ٽيمپرنگ ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته قطري شهزادي کي به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، هاڻ ته سرڪاري وڪيل به سوچي رهيا هوندا ته اهي مٿي وڃي ڪهڙو جواب ڏيندا. هن چيو ته سندس جنگ ڪرپشن خلاف آهي، سڀني جو احتساب چاهيون ٿا، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ ملڪ بڻجي ويندو. سراج الحق چيو ته کيس اميد آهي ته  قوم کي عدالت مان انصاف ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *