سرڪاري نوڪري جو آسرو ڇڏي برياني يا ڇولا کپايو، خورشيد شاهه جو نوجوانن کي مشورو

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد  احمد شاھ  چيو آهي ته، متحده  کي هاڻوڪي صورتحال ۾ هڙتالن وارو سلسلو بند ڪري احتجاج ڪرڻ گھرجي. تعليمي ادارن جاحفاظتي انتظام پورا ڪري پوءِ کوليا وڃن،  گوسڙو ملازمن تعليم سان گڏ صحت کاتي کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سکر جي ماڻهن کي گوري به نه ٿي ملي پر دانهون ڪرڻ باوجود وڏو وزير سکر سول اسپتال جي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تيار ئي ناهي، سکر جي ڊي ايڇ او آفيس ۾ ويڪسينيٽرز ۾ موٽرسائيڪلون ورهائڻ واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته، ملڪ جنگ جي حالت ۾ آهي ان ڪري متحده کي هڙتالن بجاءِ احتجاج ڪرڻ گھرجن ۽ روز روز هڙتالن وارو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي. هن چيوته، پوري ملڪ ۾ تعليمي ادارن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي جيڪڏهن تعليمي ادارن جي حفاظت جا انتظام مڪمل ناهن ته پوءِ موڪلون وڌائي حفاظتي انتظام مڪمل ڪرڻ بعد اسڪول کوليا وڃن. سيد خورشيد احمد شاھ جو چوڻ هو ته، سکر سول اسپتال جي بجيٽ نه هجڻ برابر آهي، جنهن لاءِ هو ڪيترائي دفعا وڏي وزير آڏو دانهون ڪوڪون ڪري چڪو آهي پر قائم علي شاهه سندس ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، وڏي وزير پنهنجي ضلعي خيرپور جي اسپتال جي بجيٽ به وڌائي 16 ڪروڙ ڪئي آهي پر سکر اسپتال جي بجيٽ ورهين کان ساڳي 6 ڪروڙ آهي، مٿان وري گوسڙو ملازمن به صحت کاتي کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، هن چيو ته سندس در تي روزانو هزارين نوجوان نوڪرين جي آسري بيٺا آهن، سڀني کي نوڪريون ڏيڻ سندس وس ۾ ناهي، بيروزگار نوجوان سرڪاري نوڪري جو آسرو ڇڏي برياني يا ڇولا کپائي گهرڀاتين جو ڀرجهلو ٿين، هن چيو ته سنڌ ۾ 19 هزار هيلٿ ورڪرز کي پڪو ڪري سندن پگهار 5 هزار مان وڌائي 15 هزار ڪئي وئي آهي پر اڳ جيان هاڻي به اهي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيون آهن، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته گوسڙو ماسترن سميت سڀني کاتن جي گوسڙو ملازمن کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي، ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف  ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه 50 ويڪسينيٽرز ۾ عالمي اداري طرفان موڪليل موٽرسائيڪلون ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *