سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري شهرن جا شهر آباد ڪيا ويا آهن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ زمينن جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز رپورٽ پيش ڪئي. قاضي شاهد پرويز اعتراف ڪيو ته سرڪاري زمينن تي قبضا آهن، سنڌ ۾ 1985 کان هيل تائين 2 لک 40 هزار کان وڌيڪ زمينن جي بوگس انٽريز جي نشاندهي ٿي آهي، 1100 کان وڌيڪ انٽريز عدالتي جائزي ۾ آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ جعلي انٽريز ختم ڪيون ويون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي ۾ 7 ڪروڙ دستاويز ڪمپيوٽرائز ڪيا ويا آهن، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڄ به هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي دستاويزن جا ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، صوبي ۾ ڪا سرڪاري زمين بچي سگهي آهي؟ جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ٺٽي جي زمينن جي رڪارڊ ۾ گهڻي گڙٻڙ آهي، هر هڪ پنهنجي مرضي جا ديهه ٺاهيا آهن. عدالت سڄي صوبي ۾ سرڪاري زمينن جا قبضا ختم ڪرائڻ ۽ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ عدالت راندين جي ميدانن، پارڪن تان حددخليون ختم ڪرائڻ، ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪري ٻيهر وڻ پوکڻ ۽ آبپاشي کاتي جي زمينن تان به قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *