سرڪاري اسڪولن ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم جا سٺا نتيجا نڪري رھيا آهن: ناصر حسين شاهه

سکر(ويب ديسڪ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتن جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي، جتي سرڪاري اسڪولن جا شاگرد تعليمي بورڊن جون پوزيشنون ماڻي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن جو بنيادي ڍانچو مضبوط ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ هلندڙ مالي سال واري بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم تعليم تي رکي آهي. ليومنس يوٿ اسڪول ۾ امپاورمينٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن جي سهڪار سان ڪرايل يوٿ ٽيلينٽ ڪامپيٽيشن جي پڄاڻيءَ تي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سنڌ جي نوجوانن ۽ ٻارڙن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، جنهن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن، تنهن لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته خواندگيءَ جي شرح وڌائي وڃي ۽ تعليم ۾ بهتري لاءِ استادن ۽ والدين جي ڀرپور سهڪار جي ضرورت آهي. ھن چيو ته سکر ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ وومين يونيورسٽي، آرٽ اينڊ ڊزائن ڪاليج ۽ يو ايس ايڊ جا پنجن کان وڌيڪ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو پرائمري تعليم تي تمام گهڻو ڌيان آهي، جيڪڏهن ٻار جي بنيادي تعليم مضبوط هوندي ته هو اڳتي آسانيءَ سان وڌي سگهندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ سنڌ حڪومت جي ڪاميابي ۽ دلچسپيءَ جو سبب آهي، جنهن جا سٺا نتيجا ملي رهيا آهن، ان سسٽم ذريعي هيڊآفيس مان مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ سڄي دُنيا مان ٻار پڙهڻ لاءِ اچي رهيا آهن، ٽيلينٽ هنٽ پروگرام سڄي سنڌ ۾ هلي رهيو آهي ۽ اسڪالرشپ به ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جو کين ڀرپور سهڪار حاصل آهي. ان کان اڳ صوبائي وزير يوٿ مقابلا کٽندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. نائب ميئر سکر طارق چوهاڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نصير حسين شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز مظهر ڀٽو، جميل شيخ، اعجاز کوکر ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *