سري لنڪا پاڪستان کي ٻي ون ڊي ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

پالي ڪيلي(اسپورٽس نيوز) سري لنڪا پاڪستان کي ٻي ون ڊي ۾ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي چيمپئنز ليگ  کيڏڻ جا امڪان گھٽجي ويا آهن. سري لنڪا جي پالي ڪيلي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏين ٻي ون ڊي ميچ ۾ سري لنڪا پاڪستان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر ڪيل پنجاهه اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 287 رنسون ٺاهيون. پاڪستان پاران ڪپتان اظهر علي 79 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته محمد رضوان 52 ۽ شعيب ملڪ 51   رنسون ٺاهيون. احمد شهزاد 43 بالن تي 30 رنسون ٺاهي سگهيومحمد حفيظ 15 بالن تي 9 رنسون ٺاهي سگهيو. انور 29 رنسن جي اننگ کيڏي. جواب ۾ سري لنڪا جي ٽيم 49 هين اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتو. سري لنڪا پاران پريرا 68 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته چندي مل 48 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ٻين رانديگرن ۾ دلشن 47، پٿيرانا 33، سري واردانا26 ۽ ٿرنگا 28 رنسون ٺاهيون. پاڪستان کي سري لنڪا هٿان شڪست ملڻ کانپوءِ عالمي رينڪنگ ۾ قومي ٽيم نائين نمبر تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته چيمپئنز ليگ عالمي رينڪنگ ۾ 8 نمبر تائين جون ٽيمون کيڏي سگهنديون. پاڪستان کي شڪست سبب ويسٽ انڊيز جي ٽيم نائين کان اٺين نمبر تي اچي وئي آهي، ان ڪري امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم چيمپئنز ليگ مان ٻاهر ٿي سگھي ٿي ۽ اٺين نمبر جي ٽيم ويسٽ انڊيز ان جي جاءِ تي چيمپئنز ليگ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *