سري لنڪا جي ٽيم پاڪستان کي 165 رنسن تي شڪست ڏئي ڇڏي

همبٽوٽا(اسپورٽس نيوز) سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم پنجن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان کي 165 رنسن تي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. سري لنڪا جي همبنٽوثا جي گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ سري لنڪا جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي ڪشال پريرا ۽ ڪپتان انجيلو ميٿيوز جي جارحاڻي بيٽنگ سبب 4 وڪيٽن جي نقصان تي 368 رنسون ٺاهيون. ڪشال پريرا ۽ تلڪراتني دلشان سري لنڪا کي بهترين اوپننگ ڏني ، 164 جي گڏيل اسڪور تي دلشان 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪوشال پريرا شاندار بيٽنگ ڪندي سينچري اسڪور ڪئي ۽ 212 جي اسڪور تي 117 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ لهيرو ٿراماني 29 ۽ دنيش چنديمل 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پنجين وڪيٽ تي ڪپتان انجيلو ميٿيوز ۽ ملندا سري وردانا بهترين بيٽنگ ڪندي 114 رنسون ٺاهيون، ميٿيوز تيز رفتاري سان بيٽنگ ڪندي  70 ۽ سرور دانا 52 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان پاران رڳو راحت علي 10 اوورن ۾ 74 رنسن عيوض 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته محمد عرفان 10 اوورن ۾ 73 ۽ عماد وسيم 3 اوورز ۾ 27 رنسون ڏئي ڪا به وڪيٽ نه ماڻي سگهيا. سري لنڪا پاران 368 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 203 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان پاران ڪو به بيٽسمين ففٽي نه ڪري سگھيو. حفيظر 37 اظهر علي 35 ۽ سرفراز 27 رنسون ٺاهي سگهيا. محمد رضوان 29، شعيب ملڪ 11 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته پاڪستان پنجن ميچن جي سيريز مان 3 ميچ کٽي پنهنجي نانءُ ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *