سريلنڪن ڪپتان پاڪستان ۾ حفاظتي انتظامن کي بهترين قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان لهيرو ٿريماني چيو آهي ته پاڪستان ۾ کين فرسٽ ڪلاس سيڪيورٽي ملي آهي، جيڪي رانديگر نه آيا، اهو انهن جو ذاتي فيصلو هو ۽ اسان سڀني کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي.پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي ٽرافيءَ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي لهيرو ٿريماني چيو ته اسان هتي ڀرپور انداز ۾ لطف اندوز ٿي رهيا آهيون، هوٽل کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ملڻ سبب شروعاتي ڏينهن ۾ انڊور گيمز کي انجواءِ ڪيو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جا بهترين انتظام آهن ۽ هتي اچڻ جو تجربو سٺو رهيو، اسان کي جڏهن سيڪيورٽي پلان ٻڌايو ويو ته ان وقت ئي مطمئن ٿي ويا هئاسين.هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان جي ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي پر اهي رانديگر ڊوميسٽڪ کيڏندا آهن ۽ اڳ به قومي ٽيم طرفان کيڏي چڪا آهن، ٽيم مان سٺي ڪارڪردگي جي اميد آهي، پاڪستان مضبوط ٽيم آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ڀرپور قوت سان ميدان ۾ لهندي.مهمان ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هتي سيريز کيڏڻ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ به اهم هو، تنهن ڪري رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ته جيئن هتي اچي کيڏن، هي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ به اسپيشل موقعو آهي ۽ ان جو حصو بڻجڻ تي اسان پڻ خوش آهيون.هڪ سوال جي جواب ۾ لهيرو ٿريماني چيو ته اسان جو فوڪس سيڪيورٽي تي نه پر رڳو راند تي آهي، ڇو ته مون کي اندازو آهي ته پنهنجو ٽئلينٽ ثابت ڪرڻ جو هي سٺو موقعو آهي، اسان ڪنهن ٽيم کي اهو ته نٿا چئي سگهون ته هتي اچي کيڏي پر اميد ته ٻيون ٽيمون به پاڪستان جو رُخ ڪنديون.واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي 27 سيپٽمبر تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ ايندڙ ٻه ميچون به اتي ئي ٿينديون.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن کانپوءِ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏي ويندي، جنهن جي ميزباني لاهور جو قذافي اسٽيڊيم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *