سريلنڪن بورڊ پاڪستاني دوري جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ٽيم پاران سريلنڪن دوري جي تصديق ڪندي شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ٽيم سريلنڪن دوري ۾ ٽي ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي. پاڪستان ٽيم دوري جي لاءِ 8 جون تي سريلنڪا پهچندي، جتي هوءَ 11 جون کان 3 ڏينهن واري پريڪٽس ميچ ذريعي پنهنجي دوري جي شروعات ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ گال ۾ 17 جون کان شروع ٿيندو، ٻيون ٽيسٽ 25 جون کان ڪولمبو جڏهن ته پالي ڪيلي ۾ ٿيندر ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ٻئي ٽيمون 3 جولاءِ تي آمهون سامهون ٿينديون. پنجن ون ڊي ميچن جي سريز جو پهريون مقابلو 11 جولاءِ تي دمبولا ۾ ٿيندو، سيريز جو ٻيون ميچ 15 جولاءِ تي پالي ڪيلي، ٽيون ۽ چوٿون ميچ ترتيبوار 19 ۽ 22 جولاءِ تي ڪولمبو، جڏهن ته سيريز جي آخري ميچ همنٽوٽا ۾ 26 جولاءِ تي کيڏي ويندي. پاڪستاني ٽيم 30 جولاءِ تي پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا جي سامهون ٿيندي، جڏهن ته پهرين آگسٽ تي آخري ٽي 20 ميچ سان دوري جي پڄاڻي ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *