سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي

گال(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) اربع کان گال انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. ويسٽ انڊين ٽيم جين هولڊر جي قيادت ۾ سريلنڪا جي دؤري تي آهي، جتي هو ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي 20 ميچز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سريز جي پهرين ٽيسٽ 14 کان 18 آڪٽوبر تائين ۽ ٻي 22 کان 26 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي، ان کان پوءِ ويسٽ انڊين ٽيم سريلنڪا بورڊ پريزيڊنٽ اليون خلاف 29 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ ٽوئر ميچ کيڏيندي. سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊين وچ ۾ پهرين ون ڊي پهرين نومبر، ٻي 4 نومبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 7 نومبر تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 9 نومبر تي جڏهن ته ٻي 12 نومبر تي کيڏي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *