سريلنڪا کي ميچ جي پنجين ڏينهن 10 وڪيٽن تان ڳري شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جو اعتماد مٿانهون

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ فتح کان پوءِ خميس کان ڪولمبو ۾ شروع ٿيندڙ ٻين ٽِسٽ ميچ کٽي 9 سالن کان پوءِ سريلنڪا خلاف سيريز کٽڻ لاءِ پرعزم آهي. گال ٽيست ميچ جا چار سيشن برسات جي وَر چڙهي وڃڻ کان پوءِ سريلنڪا کي ميچ جي پنجين ڏينهن 10 وڪيٽن تان ڳري شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جو اعتماد مٿانهون آهي. پاڪستان کي سريلنڪا ۾ گذريل ٽِنهي سيريزن ۾ شڪستن سان منهن ڏيڻو پيو هو، جتي آخري ڀيرو ملڪي ٽيم 2006 ۾ 1-0 سان سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي. پر پاڪستان جي لاءِ سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ جي لاءِ اوول جي تاريخي ميدان کان بهتر ڪا جڳهه نٿي ٿي سگھي، جتي سريلنڪا 1982ع ۾ انگلينڊ خلاف پهريون ٽيسٽ ميچ کيڏيو هو. ڪولمبو جي اوول اسٽيڊيم جي پچ بيٽنگ ۽ بالنگ لاءِ سازگار هجڻ ڪري سريلنڪا جي سڀ کان بهترين پچ تصور ڪئي ويندي آهي ۽ 2005ع کان هيل تائين ان ميدان تي 8 ٽيسٽ ميچون نتيجن واريون ثابت ٿيون. پاڪستان هاڻي به ان گرائونڊ تي 2009ع ۾ کيڏيل پنهنجي آخري ميچ ۾ شڪست سان منهن ڏيڻو پيو هو، پر ماضيءَ کي وساري ٽيسٽ ميچ جي شاندار ڪارڪردگي ٻي ميچ ۾ به دهرائڻ جو خواهشمند آهي. پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ سريلنڪا 300 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، پر جواب ۾ پاڪستاني ٽيم جا صرف 96 رنسن تي پنج وڪيٽون ڪري پيون هيون ۽ ٽيم ڏکيائين کي منهن ڏنو هو. پر 96 رنسون ٺاهيندڙ سرفراز احمد ۽ 131 رنسن جي اننگ کيڏندڙ اسد شفيق 139 رنسن جي ڀائيواري جوڙي پاڪستان کي پهرين اننگ ۾ 117 رنسن جي سرسي ڏياري هئي. جڏهن ته ٻي اننگ ۾ ياسر شاهه سريلنڪن صفن کي ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ 76 رنسن عيوض 7 وڪيٽون وٺي 206 رنسون تي ميزبان ٽيم کي آئوٽ ڪيو هو. پاڪستان جي فتح ۾ بالرن جو وڏو حصو هو. هيراٿ 2014 ۾ پاڪستان پاران سريلنڪن دوري ۾ پاڪستان خلاف ٻِن ٽيسٽبن جي سيريز ۾ 2-0 سان فتح ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي 23 وڪيٽون ورتيون هيون. هيراٿ جو جادوهيل هلڻ نه ڏنو ويو. ايندڙ ٽيسٽ جي لاءِ پاڪستان ۾ ٻِن تبديلين جي امڪان آهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *