سريلنڪا سيڪيورٽي انتطامن جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ رابطو ناهي ڪيو: پي سي بي

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاران پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان اڳ هڪ دفعو ٻيهر سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي فيصلي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان چيو ته سريلڪن بورڊ سيڪيورٽي انتظامن جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو هن چيو ته سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جو پلان تيار آهي جڏهن ته پي سي بي سريلنڪن بورڊ پاران باضابطه رابطي کان پوءِ آئينده جو لائحه عمل تيار ڪندو ترجمان ٻڌايو ته پي سي بي سيريز لاءِ تيارين ۾ مصروف آهي ۽ سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي مڪمل حفاطت ۽ سيڪيورٽي جي عزم کي ورجائي ٿو جڏهن ته ان ڏس ۾ سريلنڪا ڪرڪيٽ سان تعاون جاري رکندو. سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن سيڪيورٽِ خدشن کي آڏو رکي ٻيهر انتظامن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو سريلڪن بورڊ جي ترجمان موجب کيس پنهنجي وزيراعظم آفيس مان ٽيم تي امڪاني حملي جو اطلاع مليو آهي هن چيو ته وزيراعظم آفيس پاران پاڪستان ۾ امڪاني حملي جو اطلاع اهم ذريعن ڏنو آهي ذريعن مطابق پاڪ سريلنڪا سيريز کان اڳ مهمان ملڪ جي سيڪيورٽِ ٽيم هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *