سريلنڪا جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ مداحن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي منصوبه بندي شروع

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ مداحن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبه بندي شروع ڪئي وئي آهي.پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز ايندڙ مهيني کيڏي ويندي پهريون ٽيسٽ ميچ 11 ڊسمبر کان راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻيون ٽيسٽ ميچ 19 ڊسمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيندو. پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي لاءِ 10 سالن کان پوءِ ميدان آباد ٿي رهيا آهن جڏهن ته 2015 کان مختصر عرصي جي ڪرڪيٽ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن مهانگي اگهن تي ٽڪيٽ هجڻ جي باوجود دلچسپي جو اظهار ڪيو.هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ ميچن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ان لاءِ ان لحاظ سان منصوبه بندي به ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اندازو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اهڙي طرح ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دلچسپي نه ٿيندي جهڙي طرح ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ يا هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ٿيندي آهي ان لاءِ فيصلو اهو ڪيو پيو وڃي ته ٻنهي ٽيست ميچن جي لاءِ ٽڪيٽن جا اگهه گهٽ کان گهٽ رکيا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ تماشائي اسٽيڊيم جو رخ ڪنذريعن موجب وڌ کان وڌ ٽڪيٽ جي قيمت 500 روپيه ٿي سگهي ٿي جنهن جا امڪان به گهٽ کان گهٽ آهن جڏهن ته وڌيڪ انڪلوزرز جي ٽڪيٽن جون قيمتون 100 ۽ 200 روپيه هونديون. ان کان علاوه اسڪول جي ٻارن کي به ميچن جي دوران اسٽيڊيم ۾ گهرائڻ جي منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ هفتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽڪيٽن جي وڪرو ۽ ان جي طريقيڪار جو اعلان  ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *