سريلنڪا جو رانديگر تشارا پريرا پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جو رانديگر تشارا پريرا پاڪستان  جي خلاف هڪ ڏينهن واري سيريز نه کيڏي سگهندو.پاڪستان  ۽ سريلنڪا  وچ ۾ هڪ ڏينهن واريون ميچون 27، 29، سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.  جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ميچز 9، 7، 5 آڪٽوبر تي لاهور ۾ شيڊيول ۾ آهن. پر سريلنڪا جو آل رائونڊر پريرا پاڪستان  ۾ ٿيندڙ سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهندو.اطلاعن موجب سيپٽمبر جي ٻئين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ سريلنڪا جي ٽيم جو اعلان متوقع آهي جنهن جي لاءِ بورڊ  رانديگرن جي رضامندي وٺڻ ۾ مصروف آهي پر تشارا پريرا پاڪستان جي دوري جي بجاءِ ڪيربٽين پريميئر ليگ کي اوليت ڏني.ياد رهي ته تشارا پريرا ان کان اڳ به پاڪستان اچڻ جي حوالي سان گهٻراهٽ جو شڪار هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *