سرويچ پيرزادو جو مڙهه سوين آلين اکين سان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ مٽي ماءُ حوالي، سوڳ برقرار

باڊهه(رپورٽر) اڄ صبح 11 هين بجه اغوا بعد قتل ٿيل سرويچ پيرزادو جي مڙهه کي موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو پيو ويو سندس تڏو ٻلهڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي سرويچ پيرزادي جي عمر 25 سال هئي جڏهن ته ابتدائي تعليم ڳوٺ ٻلهڙيجي مان ئي حاصل ڪئي هئي سندس کي3 ڀائر ۽ 3 ڀينرو اٿس سندس والد لطف پيرزادو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو پارکو آهي هن شاهه لطيف جي شاعري تي تحقيق پڻ ڪندو رهيو واضع رهي ته سرويچ پيرزادو کي 11 سيپٽمبر تي ڪراچي جي علائقي صدر مان اغوا ڪيو ويو هو جنهن جو گذريل ڏينهن نوري آباد جي علائقي مان لاش هٿ آيو جڏهن ته ڏوڪري، باڊهه، موهن جو دڙو ۽ ٻين شهرن ۾ ڏک واري لهر ڇانيل آهي. جسمم جساف صدر حفيظ پيرزادو چيو ته سنڌ جي آجپي تائين جدوجهد جاري رهندي، سنڌي قوم غلامي جا زنجير ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي پنجاب سامراج لاشن جي صورت ۾ موٽ ڏئي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي نوجوانن جي چچريل لاشن وارن واقعن جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *