سرفراز ڪپتاني ۾ سرخرو، اظهر جي عهدي تي برقرار رهڻ لاءِ جاکوڙ شروع،پاڪ-ويسٽ انڊيز ون ڊي سيريز جي اڄ پهرين ميچ

دبئي (اسپورٽس نيوز) سرفراز ڪپتاني ۾ سرخرو ٿي ويو، اظهر عهدي تي برقرار رهڻ لاءِ سڀاڻي کان جدوجهد ڪندو، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ اڄ ٿيندي، سرفراز جي قيادت هيٺ ٽوئنٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪلين سوئپ اظهر تي دٻاءَ وڌائي ڇڏيو آهي، ابوظهبي ۾ اظهر علي ۽ جيسن هولڊر ون ڊي ٽرافي جي مهورت ڪئي، ٻنهي ٽيمن شارجه ۾ پريڪٽس به ڪئي، پاڪستان جو ايندڙ هدف ون ڊي سيريز آهي، جيڪا سڀاڻي جمعي ڏينهن کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ قومي ٽيم جي قيادت اظهر علي ڪندو، ڪاري آنڌي خلاف شاهينن جي شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ ان لاءِ به لازمي آهي ته قومي ٽيم کي رينڪنگ ۾ نائين پوزيشن کان ترقي ڪريهيٺ اچڻو پوندو، گذريل ڏينهن دبئي جي مقامي هوٽل ۾ ون ڊي سيريز جي ٽرافي ۽ لوگو جي مهورت ٿي، جنهن ۾ اظهر علي ۽ جيسن هولڊر موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *