سرفراز کي ڪپتان برقرار رکڻ واضح پيغام آهي: معين خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته پي سي بي جو سرفراز کي ڪپتان برقرار رکڻ واضح پيغام آهي. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته ڊريسنگ روم جون خبرون ٻاهر نه اچڻ گھرجن، ڊريسنگ روم پرائيويٽ هنڌ آهي اتان جون خبرون ٻاهر اچڻ مناسب نه آهي، جيڪو رانديگر ڊريسنگ روم جون خبرون ٻاهر ڪندو آهي مستقبل ۾ پاڻ ٽيم کان ٻاهر ٿي ويندو آهي. اڳوڻي ڪپتنا چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو سليڪٽرس کي گھرائڻ سٺو عمل آهي، سليڪشن ڪميٽي کان پڇا ڳاڇا ٿيڻ گھرجي، پڇا ڳاڇا سان غلطيون سڌارڻ جو موقعو ملندو آهي جڏهن ته رانديگرن کي کي پنهنجي ڪارڪردگي سان ٻڌائڻو پوندو ته هو ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي اهليت رکن ٿا. معين خان جو چوڻ هو ته پي سي بي پاران فيصلو دير سان ڪيو ويو پر سرفراز کي ڪپتان برقرار رکڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو تمام سٺو آهي، سڀئي پليئرس کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪنهن جي اڳواڻي ۾ کيڏڻو آهي جڏهن ته شڪست بعد اهو اسٽيٽمنٽ مناسب ناهي ته گيم پلان تي ٽيم نه کيڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *