سرفراز احمد کي ٽنهي فارميٽس جي ڪرڪيٽ ۾ موقعو ملڻ گھرجي: وسيم اڪرم

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ناليواري اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم چيو آهي ته پاڪ_ڀارت ڪرڪيٽ سيريز ٿيڻ گھرجي، بهترين ڪارڪردگي جي ڪري سرفراز احمد کي ٽنهي فارميٽس جي ڪرڪيٽ ۾ موقعو ملڻ گھرجي. پاڪستان سپر ليگ ٿيڻ سان قومي ڪرڪيٽ تي سٺا اثر پوندا. ملڪ جي ڏوراهن علائقن ۾ لڪل ٽيلنٽ کي اڳيان آڻي انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا ميچ ٻين ٽيمن کان وڌيڪ اهم هوندا آهن، ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ سيريز ٿيڻ گھرجي. هن پاڪ_ڀارت سيريز نه ڪرائڻ بابت ساروو گنگولي جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اها ساروو گنگولي جي پنهنجي ذاتي راٰءِ هوندي ماضي ۾ سخت حالتن ۾ به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سيريز ٿيندي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *