سرفراز احمد کي قومي ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائڻ جي تجويز

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر پي سي بي کي ڪپتاني جي حوالي سان تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته سرفراز احمد کي ٽنهي فارميٽس جي ڪپتاني تان برطرف ڪيو وڃي.ورلڊ ڪپ جي سيمي فئانل ۾ ناڪامي ۽ گذريل 3 سالن ۾ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي کي نظر ۾ر کندِ پي سي بي هيڊ ڪوچ، ٽيم مئنجمينٽ جي ميمبرن کي عهدن تان برطرف ڪرڻ سان گڏ ڪپتان سرفراز احمد کان قيادت واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ ڪاميٽي جي فيصلي جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، مڪي آرٿر مطالبو ڪيو آهي ته شاداب خان کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان بڻايو وڃي، جڏهن ته بابر اعظم کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڏني وڃي، مڪي آرٿر سرفراز احمد کي تنقيد جو به نشانو بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *