سرفراز احمد جي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان نظر اچي رهيو آهي: مڪي آرتهر

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي پرڏيهي ڪوچ مڪي آرتهر برسبين ٽيسٽ ۾ رضوان جي بهترين ڪاوشن جي باوجود سرفراز جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.هڪ ٽي وي شو ۾ اڳوڻي ڪوچ مڪي آرتهر چيو آهي ته سرفراز احمد ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي راند پيشي ڪري ٻيهر نيشنل ٽيم ۾ جڳهه ٺاهي سگهي ٿو.هن چيو ته اسان سرفراز کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون. پر ان کي واپسي جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته سرفراز جون ٽيم ۾ تمام گهڻيون قربانيون آهن.هن هميشه سمورو ڌيان ڪرڪيٽ ڏانهن ڏنو آهي ميچ ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهندي آهي. هار جيت ميچ جو حصو آهن. انسان کان ڪجهه غلطيون ٿي وينديون آهن جنهن مان ئي هو سبق حاصل ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *