سردار اياز صادق اين اي 122 جي فيصلي جي خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ سردار اياز صادق اين اي 122 جي فيصلي جي خلاف اڄ اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندو ميڊيا رپورٽ مطابق سردار اياز صادق جي وڪيل گذريل ڏينهن اين اي 122 جي فيصلي جي ڪاپي حاصل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اپيل تيار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو فيصلي ۾ ڪجهه اهم دستاويز موجود نه هئا ان حوالي سان اياز صادق جي وڪيل ٽربيونل کي درخواست ڏني اياز صادق جو وڪيل ٻڌايو ته ٽربيونل اهم دستاويز دير سان ڏنا جنهن سان اپيل جي تياري ۾ وڌيڪ وقت لڳندو دير جي ڪري اڱاري تي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل نه ٿي سگهي اپيل مڪمل تيار ڪرڻ کان پوءِ اياز صادق جي منظوري سان اڄ اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *