سربراهه کي پارٽي مان ڪڍندڙ ڪارڪنن کي ڇا اهميت ڏيندا؟: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پارٽي سربراهه کي کير ۾ مک جيان ڪڍي اڇلائي ڇڏين، انهن لاءِ ڪارڪنن ۽ عام عوام جي ڇا اهميت هوندي؟. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ڪارڪنن کي گمراهه ڪرڻ جو عمل مذهبي ۽ اخلاقي اعتبار سان غلط آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي صوبائي وزير ڄام خان شوري سان ڪا ملاقات ناهي ٿي، ملاقات جا افواهه پکيڙي ماڻهن ۽ سرڪاري ملازم ڪارڪنن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. سلمان مجاهد تي لڳل الزامن بابت فاروق ستار جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *