سراج الحق 2015 کي امن جي سال طور ملهائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، سمورين پارٽين حمايت ڪري ڇڏي

پشاور(م.ڊ) پشاور سانحي ملڪ جي سياسي قيادت کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، سمورين پارلياماني پارٽين موت جي سزا تي عمل جي حمايت ڪري ڇڏي. پشاور ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اجلاس دوران سراج الحق 2015 کي امن جي سال طور ملهائڻ جي تجويز ڏني. سمورين پارٽين سراج الحق جي تجويز جي حمايت ڪئي، جنهن بعد 2015 کي امن جي سال طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ عمران خان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هو وفاقي حڪومت سان گڏ آهن. عمران خان چيو ته ڪميٽي هفتي اندر سفارشون پيش ڪري ۽ ان جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي. اسفنديار ولي چيو ته قومي مفاد خاطر نواز شريف ۽ عمران خان اختلاف ختم ڪن. مشاهد حسين سيد چيو ته سريلنڪا وانگر گڏجي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هاڻي سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *