سراج الحق جي ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق جي ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جي وزيراعلي قائم علي شاه سان ملاقات ٻنهي اڳواڻن جي سنڌ حڪومت جي صورتحال تي ڳالهه ٻول خصوصا ڪراچي ۾ امن وامان ۽ دهشت گردي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ رينجرز جي ڪارواين تي ڳالهين جي ڏي وٽ . ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيوته ڪراچي پاڪستان جي اقتصادي شه رگ آهي جيستائين ڪراچي جا حالات ٺيڪ نه ٿيندا ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه ٿيندي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪراچي جو امن ضروري آهي. ان چيو ته ڪراچي سميت ملڪ ملڪ مان دهشت گردي جي خاتمي لاءِ سڀئي جماعتون متفق آهن. سراج الحق ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي آپريشن تي ڪنهن ماڻهو يا جماعت کي اعتراض جو موقعو نه ملڻ گهرجي.  سنڌ جي وزيرقائم علي شاه سراج الحق کي وزيراعلي  اچڻ جي دعوت ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *