سراج الحق جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار، پئسي جي بنياد تي ووٽ خريد ڪيا پيا وڃن: جماعت اسلامي

پشاور(م.ڊ) اليڪشن ٽربيونل جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏئي ڇڏيا، سراج الحق چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ چوپائي مال جو ميلو لڳايو ويو آهي، جتي اسيمبلي ميمبرن جي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر قيمت لڳائي پئي وڃي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پشاور ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهتو، جتي جاچ پڙتال بعد سندس سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ درست قرار  ڏئي منظور ڪيا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته سياسي پارٽين سينيٽ چونڊن لاءِ ڪارڪنن جي قربانين کي نظر انداز ڪري سرمائيدارن کي ٽڪيٽ ڏني آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن کي چوپائي جو ميلو لڳايو ويو آهي، جتي اسيمبلي ميمبرن جي رڍن ۽ ٻڪرين جيان قيمت لڳائي پئي وڃي. سراج الحق چيو ته چونڊيل نمائندن کي عوام ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ پهچايو، ووٽ وڪرو ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، جنهن به ووٽ وڪرو ڪيو، ان جي گهر آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ملڪ کي ڪجهه ماڻهن يرغمال بڻايو آهي، پئسن جي سياست ختم ٿيڻ تائين حقيقي جمهوريت نه ايندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *