سخت تنقيد کانپوءِ بنگلاديش ٽيم جي عالمي ڪپ لاءِ  چونڊ ڪيل جرسي تبديل

ڍاڪا ( اسپورٽس نيوز ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ مداحن جي تنقيد ۽ دٻاءُ کان پوءِ ڪرڪيٽ عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جي چونڊ ڪيل /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

جرسي تبديل ڪري ڇڏي آهي.آءِ سي سي عالمي ڪپ 2019ع لاءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي رانديگرن جي هڪ تصوير ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊ ڪيل جرسي ۾ منظر عام تي آئي جنهن تي بنگلاديش پرستارن سخت تنقيد ڪئي.بنگلاديشي عوام نڪتو اٿاريو ته بنگلاديش جي قومي جهندي ۾ سائي رنگ سان گڏ ڳاڙهي رنگ جو دائرو پڻ موجود آهي تنهنڪري قومي ٽيم جي جرسي ۾ به سائي رنگ سان گڏ ڳاڙهو رنگ هئڻ گهربو هو.عوام جي سخت دٻاءَ کان پوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل  ڪرڪيٽ ڪائونسل  سان رابطو ڪيو ۽ اپيل ڪئي ته جرسي ۾ ڳاڙهي جو اضافو ڪيو وڃي.بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين وردي ۾ ڳاڙهي رنگ جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ٽي شرٽ ۾ سيني تي ڳاڙهي رنگ جي وچ ۾ بنگلاديش لکيو ويو آهي.بنگلاديش ۾ راندين جي مشهور ويب سائيٽ ” ڪرڪ انفو“ جي نمائندي محمد اسلام بنگال ٽائيگرن جي نئين جرسي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن تي بنگلاديشي مداح پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته پهريان چونڊيل جرسي ۾ به ڪا به خامي نه هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *