سجل کانپوءِ سندس ڀيڻ صبور علي به فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سجل علي جي ڀيڻ صبو علي به وڏي اسڪرين تي پنهنجي فني صلاحيتن کي هيروئن طور مڃائڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي، ٽي وي ڊرامن ۾ پنهنجي متاثر ڪندڙ پرفارمنس کانپوءِ هاڻ هوءَ فلمن ۾ جلوا ڏيکاريندي.اداڪارا صبور کي هدايتڪار اسد ممتاز پنهنجي نئين فلم ۾ عاشق ۾ هيروئن طور سائن ڪري ورتو آهي جنهن جي شوٽنگ جلد شروع ٿيندي، فلم جي ٻين فنڪارن ۾ باجرا يامين، حمزا فردوس، سليم معراج ۽ عدنان شاهه ٽيپو شامل آهن.صبور ان کان اڳ هدايتڪار نبيل قريشي جي فلم ايڪٽر ان لا ۾ معاون اداڪارا طور ڪم ڪري فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪري چڪي آهي، فلم ۾ ڀارتي اداڪار اوم پوري به ڪردار ادا ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *