سجاول لڳ اوطات تي هٿياربندن جي ڪاهه، مامي ڀاڻيجي سميت 3 ڄڻا گوليون هڻي قتل

جاتي (رپورٽ: عاشق ميمڻ ) سجاول ڀرسان رات دير سان نامعلوم هٿياربندن اوطاق تي ستل مري برادري جي ٽن ڄڻن کي گوليون هڻي ٿڌي تي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ٽنهي مقتولن جا لاش تعلقه اسپتال جاتي آندا ويا پوسٽ مارٽم بعد وارثن کڻائي ويا مارجي ويل ٽهي ڄڻا مٽياري ضلعي جا رهواسي هئا. مقاطعي تي زمين وٺي ترسيل هئا ته اهڙو واقعو پيش آيو واقعي جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي مقتولن جا وارث لاش جي ڪفن دفن بعد ڪيس داخل ڪرڻجو چئي لاش کڻاي ويا. گذريل رات دير سان سجاول لوڻيا واٽر لڳ ديھ شاھڪپور ۾ اوطاق ۾ ستل مري برادري جي ٽن ڄڻن حيبب الله خان مري،ابراهيم خان مري ۽ گل محمد خان مري تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽنهي ڄڻن کي تڏي تي قتل ڪري ڇڏيو اهڙي اطلاع کان پوءِ ايس ايس پي سجاول جان محمد برهماڻي، ڊي ايس پي جاتي، ايس ايڇ او جاتي ، ايس ايڇ او سجاول پوليس اٽالا ساڻ ڪري جاءِ واردات تي پهتا جتان ٽنهي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال جاتي آندا ويا جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي پنهنجي ڳوٺ ضلعي مٽياري کڻائي ويا مارجي ويلن جو تعلق ضلعي مٽياري سان هو جن ۾ ٻه ڄڻا پاڻ ۾ مامو ڀاڻيجو هئا جيڪي 23 ڏينهن اڳ ۾ زميندار عبدالحميد نظاماڻي کان 100 ايڪڙ زمين مقاطعي تي وٺي سارسنڀال لاءِ اوطاق تي ترسيل هئا ذريعن موجب واقعي جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي ٻي طرف ايس ايڇ او سجاول مشتاق برهماڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙي اطلاع ملڻ بعد اسان واقعي واري هنڌ پهتاسين جتان ٽنهي مقتولن جا لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ جاتي آندا جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد مقتولن جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا وارث لاش دفن ڪري بعد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چئي لاش کڻائي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *