ستين پير پاڳاري جي اڳڪتي درست ثابت پئي ٿئي، بلاول جلد ن ليگ ۾ شامل ٿيندو: ارباب رحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو آهي ته ستين پير پاڳاري جي اڳڪٿي درست ثابت ٿي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جلد نواز ليگ ۾ شامل ٿيندو، جڏهن ته لياقت جتوئي چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پلاند وٺڻ واري سياست ٿي رهي آهي، الزام تراشيون بند نه ٿيون ته اسان به پينڊورا باڪس کولينداسين. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪالهه پهريون ڀيرو منظر تي آيل اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ هڪ آهي ۽ ستين پاڳاري جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿيڻ واري آهي، بلاول ڀٽو زرداري جلد نواز ليگ ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي معاملن تي فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو موقف هڪ آهي، پ پ شروع کان ئي غير مهذب رهي آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ ٻئي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي به حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي ۽ جيالن جي الزام تراشي واري سياست تي تنقيد ڪئي، هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي وارن رويا تبديل نه ڪيا ته هو به سندن خلاف پينڊورا باڪس کوليندا. هن چيو ته سنڌ ۾ پسند نا پسند جي سياست ٿي رهي آهي، جيڪا بند ٿيڻ گهرجي، ماڻهو اهڙي سياست کان تنگ اچي روڊن تي اچي رهيا آهن. لياقت جتوئي چيو ته سڄي سنڌ ۾ روڊ رستا اکڙيل، ڊرينيج جو نظام تباهه ۽ امن امان جي صورتحال غير تسلي بخش آهي، حالتون بهتر نه ٿينديون ته ماڻهو ضرور ڳالهائيندا ۽ انهن کي ڏاڍ سان نه ٿو روڪي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *