ستين فيفا وومينز ورلڊ ڪپ جو پري ڪوارٽر فائنل مرحلو سڀاڻي شروع ٿيندو

اوٽاوا(اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ ڪئنيڊا ۾ جاري ستين فيفا وومينز ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ جو پري ڪوارٽر فائنل مرحلو (سڀاڻي) ڇنڇر ڏينهن شروع ٿيندو. ان سلسلي ۾ ڇنڇر واري ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ جرمني سوئيڊن جي ٽيمن جي وچ ۾ اوٽاوا ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ٻي ميچ چين ۽ ڪيمرون جي ٽيمن جي وچ ۾ ايڊمونٽن ۾ کيڏي ويندي، ستين فيفا وومينز ورلڊ ڪپ ڪئنيڊا ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽبال جون ٽاپ ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن. ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائنل مرحلو 26 جون کان شروع ٿيندو ۽ سيمي فائنل مرحلو 30 جون تي شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *