ستلج درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب عورتن سميت 8 ڄڻا فوت

اوڪاڙا (ويب ڊيسڪ) ستلج درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا ٻُڏي فوت ٿي ويا. اوڪاڙا جي علائقي ملحو شيخو ڀرسان ستلج درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار، 5 عورتون ۽ ٻه مرد ٻُڏي فوت ٿي ويا. حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر اوڪاڙا مريم خان موجب ٻيڙي ۾ 20 کان 25 ماڻهو سوار هئا، حادثو گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ سبب پيش آيو. اکين ڏٺن شاهدن موجب درياهه مان 8 ڄڻن جا مڙهه ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. هوڏانهن ريسڪيو ذريعن جو چوڻ هو ته ٻيڙي اچ وڃ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، اڄ سفر دوران اوچتو حادثو پيش اچي ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *