سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارراوئي، پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سوڌو 12 دهشتگرد مارجي ويا

سبي (م.ڊ) بلوچستان جي علائقي سبي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سوڌو 12 دهشتگرد مارجي ويا، سيڪيورٽي ذريعن مطابق سبي جي علائقي سنگان ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم ڪمانڊر اسلم عرف اڇو سوڌو 12 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 10 کي گرفتار ڪيو ويو،بلوچستان حڪومت جي ترجمان انوار الحق ڪاڪڙ ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جا 2 ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته سندن قبضِي مان وڏي انگ ۾ هٿيار، ديسي بم، راڪيٽ لانچر ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، سيڪيورٽي ذريعن مطابق مارجي ويل ڪمانڊر اسلم قائداعظم ريزيڊنسي ۽ ڪمانڊر فورسز تي حملن سوڌو ڪيترين ئي واررداتن ۾ ملوث هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *