ساٿي رانديگرن بڪيز کان مهانگيون گاڏيون ۽ لکين روپيه وصول ڪيا: عاقب جاويد

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر عاقب جاويد هڪ دفعو ٻيهر ميچ فڪسنگ جو قصو ڇيڙي ڇڏيو آهي. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر   چيو آهي ته هڪ ساٿي رانديگر مهانگي گاڏي ۽ لکين روپيه /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 36

وصول ڪيا. هڪ خانگي ٽي وي انٽرويو ۾ عاقب چيو ته ميچ فڪسنگ جي آڇ اڳوڻي رانديگر سليم پرويز جي ذريعي ڪئي وئي هئي. انڪار ڪرڻ تي مون کي ڪيريئر ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. هڪ رانديگر مهانگيون گاڏيون ۽ لکين روپيه وصول ڪيا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انٽرويو ۾ عاقب جاويد چيو آهي ته فڪسنگ ڪندڙن جو ساٿ نه ڏيڻ سندن خلاف مخالفت ۾ بيهن سبب منهنجو ڪيريئر مختصر ٿي ويو. ان ڳالهه جو مون کي ڪوبه ڏک ناهي ڇو ته مان غلط کي غلط چوڻ جي همت ڪئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *