ساهيوال ۾ ساٿين کي ڇـَڏائي فرار ٿيندڙ 5 جوابدارمقابلي ۾ مارجي ويا

ساهيوال (م.ڊ) ساهيوال ۾ ساٿين کي ڇـَڏائي فرار ٿيندڙ 5 جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۾ پوليس حراست مان فرار ٿيل 2 جوابدار به شامل آهن. ساهيوال ويجهو کسوال واري علائقي ۾ پوليس ٻن جوابدارن کي پيشيءَ لاءِ عدالت ۾ کڻي وڃي رهي هئي ته ٽن جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري جوابدارن کي ڇڏائي ورتو. واقعي جي اطلاع تي ساهيوال جي مختلف ٿاڻن جي پوليس فرار ٿيندڙ جوابدارن کي گيهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن بعد مقابلي ۾ ئي جوابدار مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۾ حراست مان فرار ٿيندڙ 2 جوابدار پڻ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *