ساهيوال سانحي جي متاثرن کي انصاف ملڻ تائين ساڻن ڄمي بيٺل آهيون: نواز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ساهيوال متاثرن کي انصاف ملڻ تائين ساڻن ڄمي بيٺل آهيون. مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ساهيوال واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پارٽي کي انصاف جي فراهمي تائين متاثرن جو ساٿ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.  مسلم ليگ ن لاهور جي جنرل سيڪريٽري خواجه عمران نذير پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز  شريف باهمت شخص آهي، سندس ڪجهه ٽيسٽون ٿيون آهن، جنهن جون رپورٽون سٺيون نه آهن. خواجه عمران نذير چيو ته  پروفيسر شاهد حميد جي سربراهي ۾ ڊاڪٽڙن جي ٽيم نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو ۽ وڌيڪ ٽيسٽون ٿيڻيون آهن، جڏهن ته نواز شريف جو ذاتي ڊاڪٽر عدنان به موجود آهي. هن چيو ته نواز شريف ڪارڪنن کي سلام موڪليو آهي ۽ دعا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ساهيوال سانحي تي تمام گهڻو ڏکويل آهي، هو جيل ۾ هئڻ سبب متاثر خاندانن سان تعزيت لاءِ نه ٿو وڃي سگهي پر هن پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته متاثرن کي انصاف ملڻ تائين ساڻن گڏ بيٺل رهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *