سانگهڙ ۾ ڪارنهن الزام ۾ عورت  چاهيندڙ  سميت پٽ ۽ ڀاءُ  ھٿان ڪهاڙيون هڻي قتل، 2 جوابدار گرفتار

سانگهڙ (اين اين آءِ) سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز علي جي ٿاڻي نوا آباد جي حد ڳوٺ مجنون مگسي ۾مبينه طور تي پٽ ۽ ڀاءُ ڪارنهن جي الزام ۾ عورت ۽ ان جي آشنا کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ٻه جوابدار گرفتار جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو تفصيل موجب سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز علي جي ٿاڻي نوا آباد حد ۾ ٻٽي قتل جو واقعو ڳوٺ مجنون مگسي ۾ پيش آيو جتي پوليس موجب پٽ ۽ ڀاءُ گڏجي عورت کي ان جي آشنا سان غيراخلاقي حالت ۾ ڏسي ڪهاڙين جا وار ڪري ٻنهي کي هڪ ئي هنڌ قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ استعمال پهچايا پوليس واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس پاران وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي قتل ٿيندڙ نوجوان جي وارثن مقتول جو لاش روڊ تي رکي ٽائر ساڙي سوين ماڻهن روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ انهن جو چوڻ هو ته ان جي نوجوان کي بي سبب ڪاروڪاري جي تهمت مڙي ماريو ويو آهي واقعي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي. مظاهري دوران روڊ بند ٿيڻ سان ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي ۽ مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا جنهن کان پوءِ ڊي ايس پي ڄام نواز علي جي خاطري تي مظاهرين شفاف انڪوائري ڪرائڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني ۽ احتجاج ختم ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *