سانگهڙ ۽ بدين ضلعن ۾ ملتوي ڪيل مڪاني چونڊون 23 جنوري تي ڪرائڻ جو اعلان، نوٽيڪيشن جاري

اسلام آباد(اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سانگهڙ ۽ بدين ضلعن ۾ مڪاني چونڊون امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ 23 جنوري تي منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خميس ڏينهن جاري ڪيل هڪ نوٽيفيڪيشن مطابق اليڪشن ڪميشن کي سنڌ حڪومت طرفان هڪ خط وصول ٿيو آهي جنهن ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن امن امان جي خراب صورتحال سبب 23 ڊسمبر تي سانگهڙ ۽ بدين جي ڪجهه يونين ڪائونسلن تي مڪاني چونڊون ملتوي ڪري 30 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *