سانگهڙ واقعي ۾ مارجي ويل ٻن پوليس اهلڪارن سميت ٽن ڄڻن جا مڙهه مٽيءِ ماءُ حوالي

سانگهڙ (نمائندو) سانگهڙ ۾ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٻن پوليس اهلڪارن هڪ پ پ اڳواڻن جي ٽنڊو آدم ۾ تدفين ڪئي وئي ۽  پ پ اڳواڻ گل محمد مري جي اڄ جهول ۾ تدفين ڪئي ويندي، واقعي ۾ زخمي ٿيل 6 ڄڻن جو حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي، پوليس پاران چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ف ليگ ڪارڪنن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران پوليس لٺبازي  ڪري مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن سانگهڙ ۾ ف ليگ ۽ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار عاشق مري ۽ نبي بخش ڏيرو، پ پ اڳواڻ گل محمد مري ۽ گل محمد شاهه مارجي ويا هئا ۽ پ پ اڳواڻ فدا حسين ڏيرو  جي ڀائيٽي شير محمد ڏيرو سميت  6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. مارجي ويلن مان پوليس اهلڪار عاشق مري، نبي بخش ڏيرو ۽ پ پ اڳواڻ گل محمد شاهه جي ٽنڊو آدم ۾ تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته واقعي جي سوڳ ۾ ٽنڊو آدم شهر مڪمل طور بند آهي. فائرنگ ۾ مارجي ويل پ پ اڳواڻ گل محمد مري جو اڄ جهول  ويجهو اباڻي ڳوٺ گل محمد مري ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل پ پ اڳواڻ فدا حسين ڏيرو جي ڀائيٽي شير محمد ڏيرو سميت 6 ڄڻن جو حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد مختلف علائقن ۾ ڪاررايون ڪري چئن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کان جاچ جاري آهي. چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ خلاف فنڪشنل ليگ ڪارڪنن ۽ وارث سانگهڙ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران پوليس لٺبازي ڪري مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس بنا جواز سندن گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چئو ديواري جو تقدس پامال ڪيو ڪيو ۽ چئن بيگناهه ماڻهن کي گرفتاري ڪري لاڪپ ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل چئن ڄڻن کي بازياب ڪرائي بنا جواز گهرن تي چڙهايون ڪرڻ  جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *