سانگهڙ لڳ زير تعمير گهر جي ڇت جو ڀيم ڪري پيو، هڪ عورت سميت 2 معصوم ٻارڙين سميت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي

سانگھڙ (ڊ.ر) سانگهڙ ويجهو ڳوٺ گهنڊڻ ۾ ڇت جي ڀيم ڪِرڻ جي ڪري ٽي ڄڻا موت جو شڪار جنهن ۾  هڪ عورت 2 ٻارڙيون فوت جڏهن ته هڪ ٻارڙو شديد زخمي،  تفصيل موجب؛ سانگهڙ ويجهو گهنڊڻ ۾ اڄ صبح سويري پير بخش چانگ جي گهر هن وقت قيامت صغره جو ماحول پيدا ٿي ويو جڏهن نئون تعمير ٿيندڙ ورانڊي جي ڀيم سندس ٻن ڌيئرن 9 سالا گلستان، 5 سالا گلشن ۽ سندس ڀاڄائي 25 سالا پوپري ۽ سندس پٽ 9 سالا گلزار تي مٿيان اچي ڪِريو جنهن جي دٻجڻ سان موقعي تي ئي گلستان، گلشن ۽ پوپري موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته گلزار کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه روانا ڪيو ويو آهي. پير بخش چانگ پنهنجي ورانڊي جي ڇِت جي ڀيم ڀرائڻ لاءِ ٺيڪو جهول جي هڪ مقامي ٺيڪيدار کي ڏنو هو جنهن 5 ڏينهن اڳ گهر جي ڀيم مڪمل ڪري سپورٽون ڪڍيون هيون ۽ اڄ اچانڪ اهو پيلر ڪِرڻ سان سندس گهر جا ڀاتي فوت ٿي ويا. ان موقعي تي چانگ برادري چڱي مڙس علي خان چانگ جو چوڻ هو ته حادثو قدرتي آهي اسان ڪنهن به قسم جي پوليس ڪاروائي نه ڪنداسين. مرحومين جي نمازي جنازه جمع نماز کانپوءِ هاءِ اسڪول گهنڊڻ ۾ ادا ڪئيوئي جنهن ۾ سياسي توڙي سماجي نمائندن شرڪت ڪئي جن کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو هن وقت گهر ۾ ڪهرام مچل آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *