سانگهڙ: فوڊ آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، عملو فرار، سمورو رڪارڊ ضبط، جاچ شروع

سانگهڙ (ڊ.ر) سانگهڙ ڊپٽي ڊارئڪٽر اينٽي ڪرپشن مير نادر علي ابڙو جو ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ جي آفيس تي ڇاپو ، سال 2014.15 جي ڪڻڪ خريداري جو سمورو ريڪارڊ ضبط ڪروڙين روپين ڪرپشن جي جانچ سرڪل آفيسر شروع ڪري ڇڏي  ، تفصيل موجب؛ خوراک کاتي سانگهڙ ۾ ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي ميڊيا تي خبرون شايع ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي نوٺيس وٺندي اڄ ڊپٽي ڊارئڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظير آباد مير نادر ابڙو ۽ سرڪل آفيسر محمد رئيس خانزادي جي قيادت ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم سان گڏ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ جي آفيس تي ڇاپو هنيو ڇاپي کانپوءِ ڊي.ايف.سي. رفيق شاهاڻي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو ٻڌي  پنهنجي آفيس ڇڏي فرار ٿي ويو ڊپٽي ڊارئڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظير آباد مير نادر علي ابڙي ڇاپي دوران ڊي.ايف.سي. آفيس صحافين کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر  رفيق شاهاڻي ڪڻڪ خريداري سال 2014.15 ۾ ٻارهن لک 65 هزار 550 ڪڻڪ جي خريداري جي ٻوريون جيڪي مقامي زميندارن کان سرڪاري اگهه تي خريد ڪرڻيون هيون پر ڊي.ايف.سي اها سڄي ڪڻڪ واپارين کان خريد ڪئي جنهن کان پوءِ بارداڻي ۽ ڪڻڪ خريداري ۾ ڊي.ايف.سي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي جڏهن ته واپارين کان خريد ڪيل ٻارهن لک ڪڻڪ جو ٻورين ۾ وڏي پئماني تي خريداري بارداڻي ۽ ٽرانسپوريٽشن ۾ وڏي پئماني تي گهوٻيون ڪيون آهن  هن چيو ته هڪ پاسي هن زميندارن جو حق ماريو آهي ٻئي پاسي هن ڪرپٽ آفيسر ڪرپشن سان سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جڏهن ته هن مهل به ڊي.ايف.سي جي ريڪارڊ ۾ 24 لک 3 هزار ٻوريون شارٽ آهن جنهن جي قيمت لکين روپين ۾ آهي ڊپٽي ڊارئڪٽر ٻڌايو ته خوراڪ کاتي سانگهڙ جي ڪرپشن جو خبرون پرنٽ ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ نوٺيس وٺندي اسان اڄوڪي اها ڪاروائي ڪئي آهي ۽ خوراڪ کاتي جو سال 2014.15 ڪڻڪ خريداري جو سمورو ريڪارڊ ضبط ڪري تحويل ۾ وٺي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪيو آهي جنهن وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *