سانحي ڪارساز جي ايف آئي آر ۾ پرويز مشرف ۽ ارباب رحيم جو نالو شامل ڪيو وڃي: آغا سراج دراني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي تن بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جي موقعي تي کيس سيڪيورٽي نه ڏني وئي هئي، انڪري سانحي ڪارساز جي ايف آئي آر ۾ پرويز مشرف ۽ ان وقت جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جو نالو شامل ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي پارٽي آهي، اسان جي اڳواڻن ملڪ بچائڻ لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو آهي، نبيل گبول ڪڏهن به جانثار نه هو، جو پنهنجي مفاد جي لاءِ پارٽي ۾ آيو هو، اڄ ان جو حشر ڏسڻ وٽان آهي، اهڙا ئي ماڻهو پارٽي جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. هن چيو ته بينظير ڀٽو جڏهن  وطن ڏانهن واپس پئي آئي ته کيس سيڪيورٽي نه ڏني وئي هئي، ان لاءِ سانحي ڪارساز جي ايف آئي آر ۾ پرويز مشرف ۽ ان وقت جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جو نالو وڌو وڃي. سانحي ڪارساز ڪيس ۾ هو پاڻ کي گواهي لاءِ پيش ڪري ٿو. ايم ڪيوايم جي استعيفائن بابت اسپيڪر چيو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي استعيفائن جي ڇنڊ ڇاڻ هلي رهي آهي، ايم ڪيوايم جي11 ميمبرن فيڪس تي استعيفائون موڪليون هيون، فيڪس تي موڪليل استعيفائن جي تصديق ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيوايم جي استعيفائن جي منظوري يا رد ٿيڻ بابت اڃان ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *