سانحه صفورا سان زمبابوي ٽيم جي آمد متاثر نه ٿيندي: پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز) سانحه صفورا سان زمبابوي ٽيم جي آمد متاثر نه ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سانحه صفوره چورنگي سبب زمبابوي جو دورو پاڪستان متاثر نه ٿيندو. مهمان ٽيم پروگرام موجب 19 مئي تي پاڪستان ايندي.  ڪراچي جي سانحه ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سان مسافر بس جا 45 ماڻهو مارجي ويا هئا. جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. زمبابوي ڪرڪيٽ يونين کي هن باري ۾ ڪچا اي ميلز به موڪليا ويا. جن جي جواب جو انتظار آهي. پي سي بي ذريعن موجب سانحي سان زمبابوي جو دوره پاڪستان متاثر ٿيڻ جو ڪوبه خدشو ناهي. دهشتگردن جي ڪارروائي جي وجه سان پاڪستان 6 سالن کان انٽرنيشنل ٽيمن جي ميزباني ڪرڻ کان محروم آهي. گهڻي انتظار ڪرڻ کانپوءِ زمبابوي ٽيم پاڪستان اچڻ جي حامي ڀري آهي. زمبابوي جو دورو ملتوي نه ٿيندو، ڇو ته ان جا سڀ ميچ لاهور ۾ شيڊول ٿيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *