سانا پارن ايم ڪيوايم جي سنڌ ورهائڻ واري مطالبي جي مذمت، سازشن جو هر سطح تي مقابلو ڪرڻ جو اعلان

ھيوسٽن (پ.ر) سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ورهائي مهاجرن لاءِ هڪ الڳ صوبو قائم ڪرڻ واري مطالبي کي سنڌ جي وحدت ۽ سالميت تي ڪاري وار قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جو غيرتمند عوام پنهنجي ڌرتي ماءُ خلاف جاري اهڙين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪندو. سانا جي صدر جميل دائودي ۽ جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو پاران هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪجھ سنڌ دشمن قوتون سنڌ خلاف گندين سازشن ۾ مصروآهن ۽ ايم ڪيو ايم جو وقت بوقت سنڌ ۾ الڳ صوبو قائم ڪرڻ وارو مطالبو ثابت ڪري ٿو ته اها به سنڌ خلاف ساذشن جو حصو بنيل آهي، هو ان سان سنڌ ۾ ٻيهر رت جي راند کيڏڻ چاهين ٿا پر اهي ياد رکن ته سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ تيار آهي. سانا اڳواڻن چيو ته سنڌي ڀلي سياسي طرح مختلف پارٽين ۾ ورهايل هجن پر ڌرتيءَ جي وجود جي بقاءَ خاطر سياسي اختلاف وساري ٻڌيءَ جو شاندار مظاهرو ڪندا آيا آهن جنهن جو چٽو ثبوت سنڌين پاران ڪالاباغ ڊئم خلاف جدوجهد آهي جنهن ۾ سنڌي بنان ڪنهن سياسي فرق جي هڪ هيا. هنن مختلف سياسي نظريا رکندڙ پارٽين پ پ پ، عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ خاص طور جمائت اسلامي جهڙي مذهبي سياسي پارٽيءَ جي سربراھ پاران سنڌ ۾ نئين صوبي واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي سختيءَ سان رد ڪرڻ واري عمل جي ساراه پڻ ڪئي. سانا اڳواڻن جميل دائودي ۽ نورالنساءَ گھانگھرو برطانيه حڪومت کي چتاءُ ڌنو آهي ته سندن ڌرتيءَ تان ويهي ايم ڪيو ايم سربراھ سنڌ خلاف سازشون ڪري سنڌ ۾ لساني بنيادن تي هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ جيڪر برطانيه حڪومت ان ڳالھ جو نوٽيس نه ورتو ته ان خلاف عالمي سطح تي مظاهرا ڪيا ويندا. هنن ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سردار نبيل گبول پاران سنڌ جي ورهاست جي معاملي تي پنهنجي پارٽيءَ جي مخالفت ڪرڻ واري عمل جي پڻ واکاڻ ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين کي چيو آهي ته جيڪر اهي سنڌ جا حلالي پٽ آهن ته اهي پنهنجي پارٽيءَ جي اهڙين سنڌ دشمن سازشن خلاف اٿي کڙا ٿين نه ته تاريخ کين معاف نه ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *