سامونڊي فوج گوادر پورٽ ۽ راهداري سميت سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سامونڊي فوج گوادر پورٽ ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سميت ملڪ سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. سامونڊي فوج جي ترجمان موجب سامونڊي فوج جي جنگي يونٽس اتر عربي سمنڊ ۾ آپريشنل صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو  جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شرڪت ڪئي ۽ سامونڊي جهاز نصر جي آپريشنل مشقن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هوائي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن فلائي پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. سامونڊي فوج جي ترجمان موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سامونڊي فوج جي آپريشنل صلاحيتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سامونڊي فوج گوادر پورٽ ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سميت ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت لاءِ سامونڊي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون پيشور مهارتون تعريف جوڳيون آهن. ترجمان موجب مشقن ۾ فردي طاقت سامان جي هڪ کان ٻي جهاز تي منتقلي، راڪيٽ چارج فائرنگ ۽ سرچ اينڊ سيزر شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *